لانڍي ۽ ڪورنگي ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻايو، ايم ڊي

لانڍي ۽ ڪورنگي ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻايو، ايم ڊي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)لانڍي، ڪورنگي ۽ بلاول ڪالوني جي رهواسين ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ فريده سلام سان ملاقات ڪري کيس پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مسئلن کان آگاه ڪيو، ان موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ لاڳاپيل آفيسرن کي حڪم جاري ڪندي چيو تہ ملاقات دوران جيڪي مسئلا پيش ڪيا ويا آهن انهن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي ۽ متاثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ وال آپريشن سسٽم کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي، ان موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ وڌيڪ چيو تہ سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي هدايتن تي واٽر بورڊ عملو شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، اجلاس ۾ چيف انجنيئر بلڪ سڪندر زرداري، چيف انجنيئر واٽر حنيف بلوچ، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر محمد اسلم اعواڻ، محمد رياض ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو