لانس ڊوم جي شرجيل سان ملاقات، تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار

لانس ڊوم جي شرجيل سان ملاقات، تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي، برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سان پنهنجي ڳالهين دوران سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ صوبي جي توانائي پاليسي، جاري منصوبن ۽ بين الاقوامي ڀائيواري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي،برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت مختلف توانائي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ ٿر ڪول پاور پلانٽس، سولر ۽ ونڊ هائبرڊ انرجي پروجيڪٽس، ۽ هوم سولرائيزيشن پروگرام شامل آهن، هن چيو ته عالمي بينڪ جي سهڪار سان جلد ئي شمسي ۽ ونڊ هائبرڊ پاور پلانٽس جا نوان منصوبا شروع ڪيا ويندا. پاڪستان ۽ برطانيه جي حڪومت توانائي منصوبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهشمند آهي، ته جيئن وڌيڪ توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جا منصوبا شروع ڪري سگهجن، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ سنڌ حڪومت مقامي وسيلن جي موثر استعمال ۽ صاف توانائي جي فروغ ذريعي صوبي کي توانائي جي لحاظ کان خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، هن برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ٻوڏ متاثرين لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي هائوسنگ منصوبي بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته سنڌ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو جاري آهي، جنهن تحت ٻوڏ متاثرين لاءِ 2.1 ملين گهر تعمير ڪيا پيا وڃن، برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سنڌ حڪومت جي ڪوششن ۽ ترقياتي منصوبن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته صوبي ۾ عوامي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪم ساراهه جوڳو آهي.برطانوي هاءِ ڪميشن جي سينئر سياسي صلاحڪار هدا اڪرام پڻ اجلاس ۾ موجود هئي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معزز مهمانن کي سنڌي لنگين جا تحفا پڻ پيش ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو