قصور(ويب ڊيسڪ) لالچي ۽ بدبخت والد 500 روپين خاطر پنهنجي 10 سالن جي نياڻي جنسي حوس خاطر نوجوان حوالي ڪري ڇڏي. قصور جي ايڊيشنل ايس پي راشد هدايت پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته قصور جي علائقي ڦول نگر جي ڳوٺ کڙڪ سنگهه جي رهائشي اسماعيل پنهنجي نياڻي 26 سالن جي حنيف نالي همراهه حوالي ڪئي ته ڇوڪري شور ڪيو. گوڙ تي پاڙي وارا گڏ ٿي ويا ته اسماعيل ۽ حنيف ڀڄي ويا. پوليس ڪيس داخل ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ملزم حنيف تي اڳ ۾ هڪ نينگر سان زيادتي جو ڪيس به داخل آهي. ياد رهي ته قصور ۾ معصوم زينب سميت ڪيترن ئي ٻارڙن سان زيادتي جي ڪيس رپورٽ ٿيندا رهيا آهن ۽ اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي.










