لائيو اسٽاڪ کاتي جي مفت ويڪسي نشين ڪيمپن جو سلسلو جاري

لائيو اسٽاڪ کاتي جي مفت ويڪسي نشين ڪيمپن جو سلسلو جاري

نوابشاهه (ن سنڌيار)لائيو اسٽاڪ کاتي شھيد بينظيرآباد پاران برسات متاثر علائقن ۾ جانورن جي علاج لاءِ مفت ويڪسي نشين ڪيمپن جو سلسلو جاري آهي ان سلسلي ۾ اڄ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ مريد خان زرداري ۾ جانورن جي علاج لاءِ مفت ويڪسي نيشن ڪيمپ لڳائي وئي جنھن جو ميمبر سنڌ اسيمبلي حاجي علي حسن زرداري دورو ڪري مالوند ماڻھن کي ملندڙ سھولتن جو جائزو ورتو ان موقعي تي ميمبر سنڌ اسيمبلي حاجي علي حسن زرداري چيو ته سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرين کي صحت جو سھولتن فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن جانورن جي علاج لاءِ پڻ ويڪسي نيشن ڪيمپون قائم ڪيون پيون وڃن ھن چيو ته متاثرن جي واھر ڪرڻ اولين ترجيح آهي ان موقعي تي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري مالوند ماڻھن کي سندن جانورن لاءِ ويڪسين ۽ دوائون پڻ ڏنيون جانورن جي علاج لاءِ لڳل ڪيمپ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر اعجاز حسين لغاري، وٽنري ڊاڪٽر طارق نوراني ۽ ٻين پاران جانورن کي بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسي نيشن لڳائي وئي ۽ مالوند ماڻھن کي دوائون پڻ ڏنيون ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو