لائين مين جي من مستي، رمضان ۾ به شهرين جي بجلي بند

لائين مين جي من مستي، رمضان ۾ به شهرين جي بجلي بند

نوشھرو فيروز (ن س)اپيل D G نيب سکر ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن سنڌھ ڪراچي سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن نوشهرو فيروز واپڊا ۽ عوام جو ڄورن وانگر رت چوسيندڙ ارشاد ميمڻ جيڪو لائين مين آھي هن کي سٽي ٿري تي سنڌ ڪالوني، جناح روڊ، ڪاليج روڊ، جيل روڊ، پڊعيدن روڊ، عمراڻي محلا، دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ٿاڻي وارو پاسو پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر، گل ڪالوني، سول اسپتال وارو سڄو علائقو هن لائين مين جي بادشاهي هيٺ آھي، جيڪو به صارفين ميٽر تي بجلي ٻاري ٿو ان لاءِ هي رڻ ٻاري ڏئي ٿو هن سڄي علائقي ۾ غير قانوني ڪنيڪشنن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آھي ايل ايم ارشاد ميمڻ بجلي چوري جا نوان طريقا ايجاد ڪندي بوگس ميٽر لڳائيندي هر هڪ ڪنيڪشن جو ريٽ 7000 هزار کان 15000 هزار مقرر ڪيا آھن وري پرائيوٽ ميڊيڪل سينٽر جن ۾ مائدا ميڊيڪل سينٽر، رابعه ميڊيل سينٽر، شهزاد ميڊيڪل سينٽر، عبداللّه ميڊيڪل سينٽر شامل آھن انهن کان 20000 کان 40000 هزار روپيا وٺي ٿو، دڪاندان ۽ عام گهرن کان 5000 روپيا حاصل ڪري ٿو جن دڪانن ۽ گهرن جو تعداد هزارن ۾ آھي، محترم لائين مين ارشاد ميمڻ جو ڪاليج روڊ تي اٽي جون چڪي کي ڪنيڪشن ڏيڻ سان گڏ ڪاليج روڊ تي هڪ هڪ گهر ۾ 7/7 ايسين AC جا ڪنيڪشن آھن ڊاڪٽر بدر جي گهر ۾ 4 ايسيون AC لڳل آھن في ايسي 5 کان 10 هزار روپيا آھي ايس ڊي او اسد ميمڻ ھن کي حڪم ڏنو ته علائقو سيڪيوئر ڪر پر هي ڊمٽو ارشاد ميمڻ ايترو ته چالاڪ آھي جو ايس ڊي او اسد ميمڻ کي لولي پاپ ڏئي بوگس ميٽر لڳائڻ وارو هنر استعمال ڪندي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري رهيو آھي باقي ڊمٽو ارشاد ميمڻ غريب عوام کي استعمال ڪرڻ کان پري رهڻ سان گڏ گرمي ۾ مرڻ جو مشورو ڏنو آھي اسان واپڊا جي ايس ڊي او، انجنيئر، سي او سميت لاڳاپل ادارن کان گهر ٿا ڪيون ته ايل ايم ارشاد ميمڻ کي هٽائي سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سندن خلاف احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو