قيوم آباد وٽ نامعلوم گاڏيءَ جو ٽڪر، نياڻي فوت، مڙس زخمي

قيوم آباد وٽ نامعلوم گاڏيءَ جو ٽڪر، نياڻي فوت، مڙس زخمي

ڪراچي (رپورٽر): ڪراچي جي علائقي قيوم آباد جي ڪي پي ٽي پل وٽ نامعلوم گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نياڻي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس شديد زخمي ٿي پيو.ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل 28 سالن جي نياڻيءَ جي سڃاڻپ ماهه رخ جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمي شخص جي سڃاڻپ ڪامران جي نالي سان ٿي، جن جو پاڻ ۾ مڙس ۽ زال جو رشتو آهي.ريسڪيو عملدارن موجب حادثو تيز رفتاريءَ سبب پيش آيو. واقعي بعد نامعلوم ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا لاءِ پوليس پاران سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٻين ذريعن ذريعي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو