قيدين جي مٽاسٽا، روس جو يوڪرين تي حملو، 12 مارجي ويا

قيدين جي مٽاسٽا، روس جو يوڪرين تي حملو، 12 مارجي ويا

ڪيف (ويب ڊيسڪ)روس يوڪرين جي گادي واري هنڌ ڪيف تي مسلسل ٻئي ڏينهن به ميزائل ۽ ڊرون استعمال ڪندي هوائي حملو ڪيو آهي.برطانوي نيوز ايجنسي موجب، آچر جي صبح جي حملن ۾ 12 ماڻهو مارجي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 18 زخمي ٿيا، جن ۾ ٽي ٻار به شامل آهن. روسي حملي رهائشي عمارتن کي به سخت نقصان پهچايو.ميڊيا رپورٽن موجب، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين هوائي سائرن وڄندا رهيا، شهرين کي رات جو پناهه گاهه ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي.ٻئي طرف، يوڪريني هوائي فوج چيو ته حملا، جن ۾ ڊرون، بيلسٽڪ ۽ ڪروز ميزائل شامل هئا، ڪيترن ئي شهرن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيا ويا، جڏهن ته مکيه ڌيان گادي واري هنڌ ڪيف تي هو.تازا حملا هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيا ويا آهن جڏهن بين الاقوامي برادري روسي صدر ولاديمير پيوٽن تي جنگ بندي لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي. ان کان علاوه، قيدين جي تبادلي جي ٻئي مرحلي ۾ ڇنڇر تي 600 کان وڌيڪ روسي ۽ يوڪريني فوجين کي آزاد ڪيو ويو.جمعي ڏينهن پهرين مرحلي ۾ تقريبن 800 قيدي آزاد ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو