چمن (ويب ڊيسڪ)چمن ۾ قيدين جو جيل اهلڪارن تي حملو، سنگين ڪيسن ۾ ملوث 15 کان 20 قيدي اهلڪارن کان هٿيار ڦري فرار ٿي ويا.پوليس موجب عيد جي نماز لاءِ بيرڪ مان نڪرندڙ قيدين جيل اهلڪارن تي حملو ڪيو، جنهن بعد اهلڪارن کان هٿيار ڦري فرار ٿي ويا.بيرڪ انچارج ٻڌايو ته بيرڪ نمبر 4 ۾ سنگين ڏوهن ۾ ملوث 302 ٻيا جوابدار قيد آهن. جڏهن بيرڪ نمبر 4 جي قيدين کي نماز پڙهڻ لاءِ ٻاهر ڪڍيو ويو ته سڀني گڏجي حملو ڪيو.










