قونصل جنرل جي مان ۾ الوداعي پارٽي، خدمتن تي ڀيٽا پيش

قونصل جنرل جي مان ۾ الوداعي پارٽي، خدمتن تي ڀيٽا پيش

هيوسٽن(پ ر) شاهه لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪساز (SLCIT) پاران هز ايڪسيلنسي ابرار هاشمي قونصل جنرل آف پاڪستان، ٽيڪساز جي مانَ ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر لياقت علي خواجه، شاهه لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪساز جو تعارف پيش ڪيو. جڏهن ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر شبير جتوئي، ابرار هاشميءَ جي زندگيءَ ۽ پروفيشنل ڪيريئر متعلق خلاصو پيش ڪيو. تقريب ۾ ابرار هاشمي ۽ سندن گهرَ واري کي اسٽيج تي سڏي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ اوڍائي مڃتا ڏني وئي. ابرار هاشميءَ کي موجوده صدر ۽ چيف آرگنائيزر (SLCIT) عيسيٰ ڀرڳڙي اجرڪ اوڍايو جڏهن ته سندن گهرَ واريءَ کي فائونڊر ميمبر شهناز ڏاهري اجرڪ اوڍايو. ان موقعي تي تقريب جي مُک مهمان ڪائونسل جنرل آف پاڪستان ابرار هاشمي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شاهه لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪساز پنهنجي ڪميونٽيءَ لاءِ بهتر خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي جيڪا هڪ فخر لائق ڳالهه آهي ان موقعي تي ابرار هاشمي هيوسٽن جي ساٿين ۽ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا. تقريب ۾ قونصل جنرل ابرار هاشميءَ کي سندن خدمتن عيوض شاهه لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪساز پاران يادگار مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. تقريب ۾ اسٽيٽ آف ٽيڪساز جي نمائندي جيسي جيٽن لائيو خطاب ڪندي ابرار هاشميءَ جي خدمتن کي ساراهيندي، سندن ٿورا مڃيا ۽ اسٽيٽ آف ٽيڪساز جي نمائندي جي حيثيت ۾ پروڪلوميشن سندَ ڏني، جيڪا محمود ڏاهري جيسي جيٽن جي غير موجودگيءَ ۾ ابرار هاشميءَ حوالي ڪئي.

Photo SLCIT

تقريب ۾ شاهه لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪساز جي چونڊجي آيل نئين بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي حلفَ جي تقريب پڻ ٿي گذري. جنهن ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرز ايندڙ ٻن سالن لاءِ حلف کنيو، جنهن جو حلف قونصل جنرل ابرار هاشميءَ پڙهيو. تقريب کي بنگلاديش جي اعزازي قونصل جنرل مارٽي مِڪ رِي، جِي گوريرو ڊائريڪٽر سينيٽر جون ڪارلون، البرٽ چينگ ڊائريڪٽر ميموريل هرمن خطاب ڪندي، شاهه لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪساز جا ٿورا مڃيا. تقريب جي آخر ۾ چيئرمين محمود ڏاهري خطاب ڪندي ابرار هاشميءَ جون سندن ڪميونٽي لاءِ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. جڏهن ته آيل معزز مهمانن جا ٿورا پڻ مڃيا. تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سياسي، سماجي، ثقافتي تنظيمن جي عهديدارن ۽ مقامي سياستدانن وڏي انگَ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي ڪارروائي شاهه لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪساز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر اسد علي شيخ هلائي.

پهنجو تبصرو موڪليو