قوم ڪرڪيٽ جي بحالي تي خوش آهي، فواد چوڌري

قوم ڪرڪيٽ جي بحالي تي خوش آهي، فواد چوڌري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽيسٽ سيريز 23 سالن کانپوءِ ٿي رهي آهي پر مخالف ڌر جي پيٽ ۾ مروڙ پئجي رهيا آهن. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 23 سالن کانپوءِ ٽيسٽ سيريز ٿيڻ واري آهي، پوري قوم ڪرڪيٽ جي بحالي جو جشن ملهائي رهي آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن جي پيٽ ۾ مروڙ پون پيا ته اهي اپوزيشن ورا آهن. هن وڌيڪ لکيو ته اپوزيشن ان وقت پنڊي ۾ پنهنجي ڀاڙي جو شو ڪرڻ ڪرڻ چاهي ٿي جڏهن پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ شروع ٿي رهي آهي. ياد رهي ته 23 سالن کانپوءِ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 4 مارچ کان راولپنڊي ۾ شروع ٿي رهي آهي، ڪيترائي ڀيرا حڪومت اپوزيشن کي دعوت ڏني ته تاريخ بدلايو پر اپوزيشن پنهنجي ضد تي قائم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو