قومي عوامي تحريڪ جو پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج

قومي عوامي تحريڪ جو پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج

نئون ڪوٽ (ن سنڌيار) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي نئون ڪوٽ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.سنڌ سدائين سوڪهڙي کي منهن ڏنو آهي، پاڻي جي چوري ۾ وفاق سميت سنڌ سرڪار ملوث آهي،عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي نئون ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ممتاز جوڻيجو رحمان نهڙيو ڊاڪٽر محب ڀيل مارو قاسماڻي محمود ڀنڀرو شمن اوٺو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي ته اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته هن وقت سنڌ سڪي ۽ سڙي رهي آهي، ماڻهن سميت مال به اڃ وگهي مرڻ لڳو آهي، پر وقت جي سرڪار چپ جو روزو رکيون ويٺي آهي، سنڌ کي تباه ڪرڻ لئه وفاق سميت سنڌ سرڪار هڪ صف تي بيٺل آهي، سنڌ جو پاڻي چوري ڪري سنڌ جي زراعت کي تباه ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته سنڌو درياه جي پاڻي تي هٿرادو ڌاڙي لڳائڻ جي تاريخ پراڻي آهي، جنهن جو ڪوئي ازالو ناهي ٿيو، هر مند ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ رهي ٿي، پاڻي جي درست ونڊ ورڇ نه ٿيڻ ڪري سنڌ سدائين سوڪهڙي کي منهن ڏنو آهي، سرءُ هجي يا سانوڻي هتي کوٽ ئي رهي ٿي، مٿان جيڪو پاڻي اچي ٿو ان تي وري سنڌ ۾ نئين سر ڌاڙو لڳي ٿو، وڏا وڏا آبادگار ۽ زميندار آبپاشي عملي سان ملي ڀڳت ڪري رهيل پاڻي کپائي پاڻ پاڻي چوري ۾ ملوث لڳا پيا آهن، هڪ ته پنجاب اڳ ئي پاڻي تي ڌاڙو هڻي گهٽ مقدار ۾ پاڻي موڪلي ٿو، باقي بچيل پاڻي تي هتان وارا همراه ڏاڍ سان قبضو ڪري هر سال سنڌ کي سوڪهڙي جي منهن ۾ ڏئين ٿا، نتيجي ۾ سنڌ جي پوڇڙ وارا علائقا خشڪ سالي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا، عوامي تحريڪ سمجهي ٿي ته پاڻي جي چوري ۾ وفاق سان گڏ سنڌ سرڪار پڻ ملوث آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو