قومي شاهراهه تي ٻن مختلف حادثن ۾ 2 فوت، 3 زخمي

گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) قومي شاهراهه تي ٻن مختلف حادثن ۾ ٻه عورتون فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.گهوٽڪي لڳ لٻاڻو اسٽاپ ڀرسان قومي شاهراهه تي رڪشا ۽ ٽرالر وچ ۾ زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت سبرانا ڀيل ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏھن ته رڪشا ڊرائيور علي مهر جو رهواسي امام بخش پٽ محراب سومرو، ناريون ريحانه ڀيل ۽ سونيا ڀيل سخت زخمي ٿي پيا جن جي حالت نازڪ هجڻ ڪري سکر ريفر ڪيو ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف قومي شاهراهه تي ناري شاهه محلي جي رهواسڻ 42 ورهين جي عورت مسمات زڪيه موٽر سائيڪل جي ٽائر ۾ برقعو وچڙڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي وئي جنھن جو لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو