قومي شاهراهه تي حادثو، هڪ فوت ۽ هڪ زخمي

شاهپور جهانيان (اسد ٻگهيو) دولت پور صفن لڳ دينو مشين اسٽاپ تي وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري سبيل پياريندڙ معصوم ٻالڪن جي مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ساله ماجد علي اوٺو پٽ گلڻ اوٺو وين جا ٽائر مٿان چڙهڻ جي ڪري ٿڏي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو ۽ 15 ساله عمران اوٺو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسٽاپ تي موجود ماڻهن کڻائي اسپتال داخل ڪرايو.  جتي زخمي جي حالت نازڪ هجڻ سبب کيس  پي ايم سي اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي، موقعي تي ماڻهن وين ڊرائيور کي سوگهو ڪري پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ وين کي پڻ پولي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. جڏهن ته فوتي ٻالڪ جو مڙهه پڻ اسپتال پهچايو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو .   

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو