ھالاڻي (طارق جان سهتو) قومي شاهراھ تي روڊ پار ڪندڙ ڪيتري ئي عرصي کان هالاڻي شهر جي گهٽين ۾ گهمندڙ درويش کي پنجاب ڏانھن ويندڙ ٽرالر ٽڪر هڻي وڌو جنهن جي نتيجي ۾ درويش ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ٽرالر موقعي تان فرار ٿي ويو. فوتي کي ھالاڻي پوليس پنھنجي موبائل ۾ کڻي ھالاڻي اسپتال آندو جتي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري درويش جي لاش کي ڪنڊيارو ايڌي سينٽر حوالي ڪيو ويو.










