اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي ۽ علائقائي سالميت تي سمجهوتو نه ڪندو،صدر آپريشن مرگ بر سرمچار جي حوالي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ تي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي.صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران برادر ملڪ آهن، مسئلا ڳالهين ۽ مشاورت سان حل ڪرڻ گهرجن.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين جي دفاع لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو. دهشتگردي هڪ گڏيل چئلينج آهي جنهن جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت آهي.صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان سمورن رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٻين ملڪن کان به اها ئي توقع رکي ٿو ته هو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي نه ڪن.










