قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس 17 آگسٽ تي طلب ڪرڻ جو فيصلو

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس 17 آگسٽ تي طلب ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس 17 آگسٽ تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.اتحادي پارٽين سان مشاورت کان پوءِ پارلياماني معاملن واري وزارت اجلاس گهرائڻ جي سمري اماڻي ڇڏي، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته سينيٽ جو اجلاس 14 آگسٽ تي شام 5 وڳي جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اجلاس شام 5 وڳي ٿيندو.طارق فضل چوڌري چيو ته اهو تاثر صحيح ناهي ته پيپلز پارٽي سان اختلاف اجلاس گهرائڻ ۾ رنڊڪ بڻيل آهن، اتحادي پارٽين سبب اجلاس گهرائڻ ۾ ڪابه دير نه ٿي رهي آهي، حڪومت جو ڪنهن به اتحادي پارٽي سان ڪوبه اختلاف نه آهي.هن چيو ته حڪومتي اتحادين ۽ اپوزيشن سان مشاورت کان پوءِ اجلاسن جي تاريخ طئي ڪئي ويندي آهي، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي چيف ويپس سان ڌار ڌار ملاقاتون به ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو