اليڪشن ايڪٽ ۽ نيب قانون ۾ ترميم جا بل منظور

اليڪشن ايڪٽ ۽ نيب قانون ۾ ترميم جا بل منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان نيب ضابطن ۾ ترميم جو بل منظور ڪري ورتو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ قومي احتساب آرڊيننس 1999 ۾ وڌيڪ ترميم جو بل پيش ڪيو. ان حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي قانون واري صوبائي وزير نذير تارڙ چيو ته نيب انڪوائري لاءِ وقت جي حد جو پابند ناهي، اڄ کان اڳ نيب 4 سالن تائين انڪوائري شروع نه ڪئي پر هاڻي نيب کي 6 مهينن اندر انڪوائري شروع ڪرڻي پوندي. قومي اسيمبلي احتساب بيورو آرڊيننس 1999ع ۾ ترميم جو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبلي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ بابت اڳوڻي حڪومت جي ترميمن کي رد ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو.اليڪشن ترميمي بل 2022 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، بل پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي پيش ڪيو. ايوان ۾ ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي صابر قائم خاني چيو ته مضبوط اليڪشن ڪميشن ۽ مضبوط قانون جي هميشه ضرورت رهي آهي. صابر قائم خاني چيو ته هن ايوان ۾ جن پارٽين جي نمائندگي ناهي انهن جي راءِ وٺڻ ضروري آهي، جيڪڏهن 2017ع ۾ پاس ٿيل بل واپس ٿيو ته ان جي حمايت ڪنداسين. ايوان ۾ خطاب ڪندي قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ لاءِ ترميم ڪئي وئي،هن اي وي ايم تي اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيترائي اعتراض اٿاريا، اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان ان تي ڪيترائي ميٽنگ ڪري چڪا آهيون، بل کي بلڊوز ڪري بل پاس ڪيو ويو پر سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته اڄ جو ايجنڊا ڪافي ڊگهو آهي، قومي احتساب بيورو (نيب) ترميمي بل به اڄ منظور ڪيو ويندو جڏهن ته چونڊ سڌارن لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ سمورين سياسي پارٽين کي نمائندگي ڏني وئي آهي، اهي شامل نه آهن جيڪي ٻاهر وڻن ۽ ملڪيتن کي باهه ڏئي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم جي بل جي شق وار منظوري ڏني وئي، بل جي منظوري کانپوءِ اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ بابت اڳوڻي حڪومت جون ترميمون ختم ٿي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو