قمبر: (ن س) قمبر ڀرسان برڪت شاهه محلي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان وڏي ڀاءُ اظھر گوپانگ پنهنجي ننڍي ڀاءُ وزير علي عرف راشد گوپانگ کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي ڀائر پپل چوڪ تي برف جو دڪان ھلائيندا ھيا جن ۾ ڏيتي ليتيءَ تان منھن ماري ٿي ھئي جنھن تان مڇرجي وڏي ڀاءُ اظھر گوپانگ صبح سوير ننڊ ستل پنھنجي ننڍي ڀاءُ وزير علي عرف راشد علي مٿان پسٽل جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.واقعي کان پوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس لاش ضروري ڪارروائي لاءِ قمبر جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کڻائي وئي جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.










