قلعه سيف الله وٽ مسافر وين کاهي ۾ ڪري پئي، 18 ڄڻا فوت

قلعه سيف الله وٽ مسافر وين کاهي ۾ ڪري پئي، 18 ڄڻا فوت

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)قلعه سيف الله ۾ قومي شاهراهه تي مسافر وين کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ڊي سي قلعه سيف الله حافظ قاسم ڪاڪڙ موجب لورالائي کان زوب ويندڙ مسافر وين اخترزئي اڊولا وٽ کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.حافظ قاسم ڪاڪڙ چيو ته بعد ۾ حادثي ۾ وڌيڪ 8 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 18 ٿي ويو آهي، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ڊي سي قلعه سيف الله موجب سخت جبلن جي ڪري لاشن ۽ زخمين کي ڪڍڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، سمورن اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو