قلعه  عبدالله ۾  گاڏيءَ تي فائرنگ، 2 عورتون فوت، پيءُ ۽ ڌيءُ زخمي

قلعه عبدالله ۾ گاڏيءَ تي فائرنگ، 2 عورتون فوت، پيءُ ۽ ڌيءُ زخمي

قلعه عبدالله (ويب ڊيسڪ) قلعو عبدالله جي علائقي سيگي ۾ گاڏيءَ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه عورتون فوت، جڏهن ته پيءُ ۽ ڌيءُ سخت زخمي ٿي پيا آهن.پوليس موجب زخمي ٿيل ماڻهن کي نازڪ حالت ۾ ٽراما سينٽر ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ۽ زخمي ٿيلن جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي، جيڪي ڪاروباري سلسلي ۾ ٻه ڏينهن اڳ تحصيل گلستان آيا هئا. گاڏي نه بيهارڻ تان هڪ قبائلي گروهه پاران مٿن فائرنگ ڪئي وئي.واضح رهي ته سيگي جو علائقو قبائلي تڪرارن ۽ دشمنين سبب عام ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ ”نو گو اييريا“ قرار ڏنل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو