قلعه سيف الله ۾ ويگن ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر 13 فوت 10زخمي

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي قلعه سيف الله ۾ ٽرڪ ۽ ويگن ۾ ٽڪر ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ 10 ٻيا زخمي ٿي پيا. ڊپٽي ڪمشنر قلعه سيف الله ڊاڪٽر عتيق ميڊيا کي ٻڌايو ته مسافر ويگن ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر سبب فوت ٿيندڙ 13 ڄڻن ۾ 4 ٻارڙا ۽ هڪ عورت به شامل آهن. حادثي ۾ فوت ٿيندڙن مان 5 ڄڻن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي، 10 زخمين مان 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي ڪوئٽا منتقل ڪيو ويوآهي. حادثي کانپوءِ ڪوئٽا جي ٽراما سينٽر ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي ۽ پنهنجي عملي کانسواءِ سول اسپتال مان به ڊاڪٽرن کي گهرايو ويو آهي. صورتحال بابت اعليٰ اختيارين کي آگاهي ڏني وئي آهي. وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال حادثي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته زخمين کي علاج لاءِ بهترين سهوليتون فراهم ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو