ٽنڊوباگو (رپورٽ ڄام سھيل سمون) رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ قطر چئرٽي پاران غريب مستحق عورتن ۽ مردن ۾ عيد جي راشن جا پنج سئو کان مٿي بيگ تقسيم مستحقن پاران خوشي جو اظهار.قطر چئرٽي پاران بدين جي مختلف علائقن ۾ غريب بيواه مستحق عورتن ۽ مردن ۾ عيد راشن جا پنج سو (500) کان وڌيڪ راشن بيگ ڏنا ويا آهن جنهن ۾ نئون دمبالو لڳ ڳوٺ حاجي دودو گشڪوري ۾ راشن بيگ تقسيم ڪيا ان موقعي تي قطر چئرٽي جي فيلڊ ڪوآرڊينيٽر سنڌ محمد اشرف مغل، ضلع انچارج قاسم لاشاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قطر چئرٽي گذريل ٻن سالن کان بدين ۾ ڪم رھي آھي ۽ جنھن غريبن کي راشن. پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ نلڪا موٽر پمپ، سولر پليٽون ۽ ٻيون اسڪيمون پڻ ڏنيون ويون آهن اسان جي ڪوشش آهي ته ضلعي بدين جي غريب ماڻهن جي وڌ کان وڌ مدد ڪجي بدين ضلع جي انچارج قاسم لاشاري چيو ته قطرچيريئٽي بدين ضلع ۾ 2019ع کان وٺي انساني ڀلائي جاڪم ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته ضلع انتظامیہ ۽ سوشل ويلفيئر جي کاتي جي سھڪار سان بدين جي مختلف ڳوٺن، مسجدن ۽ اسڪولن ۾ واش روم وغيره ٺھرائي ڏنا آهن ان ڪري بدين جي عوام جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي راشن بيگ تقسم دوران ڪوروناجي ڪري ايس او پيز جو تمام گهڻو خيال رکيو ويو۔










