نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي هندو انتهاپسند حڪمران جماعت بي جي پي، جي اڳواڻ ۽ راجيا سڀا جي اڳوڻي ميمبر سبرامنيم سوامي انڪشاف ڪيو آهي ته قطر ۾ اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار 8 ڀارتي نيوي جي آفيسرن کي آزاد ڪرائڻ ۾ سپر اسٽار شاهه رخ خن اهم ڪردار ادا ڪيو. قطر جي عدالت انهن آفيسرن کي موت جي سزا ٻڌائي هئي جيڪا بعد ۾ عمر قيد ۾ تبديل ڪئي وئي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب سبرامنيم سوامي جو چوڻ آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزارت ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار قطر کي اهو فيصلو واپس ڪرڻ ۾ ناڪام ويا هئا جنهن بعد وزيراعظم مودي جي درخواست تي شاهه رخ خان ڪوششون وٺي ڀارتي آفيسرن کي آزاد ڪرايو. هن ڀارتي وزيراعظم کي اهو به مشورو ڏنو ته وزيراعظم مودي جڏهن قطر وڃي ته شاهه رخ خان کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي، ڇو ته پرڏيهي معاملن جي وزارت ۽ قومي سلامتي وارو مشير اهو ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. چيو پيو وڃي ته شاهه رخ خان ڳري سيٽلمينٽ واري هي ڊيل ڪرائي آهي.










