اسلام آباد)بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت جولاءِ 2022ع کان مارچ 2023ع تائين جي مالياتي آپريشنز جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.ناڻي واري وزارت موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ 3.58 کرب رپيا قرض ادا ڪيو ويو، جڏهن ته ان ئي 9 مهينن ۾ پاڪستان جي آمدني 3.4 کرب رپيا هئي.سرڪاري خرچ، جن ۾ دفاع، تنخواه، ترقي ۽ سبسڊي شامل هئي، قرض جي آمدني مان ادا ڪيا ويا.ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل تفصيلن موجب پهرين 9 مهينن ۾ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ 3.07 کرب رپيا قرض وٺڻو پيو، 22 جولاءِ کان 23 مارچ تائين ملڪ جي مجموعي آمدني 6.39 ٽريلين هئي.تفصيل موجب اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي 2.95 کرب رپيا ادا ڪيا ويا، صوبن کي ادائگي کانپوءِ 3.44 ٽريلين مرڪز وٽ رهجي ويا.22 جولاءِ کان 23 مارچ تائين قرضن جي واپسي تي 3.58 کرب رپيا خرچ ٿيا، مرڪز قرض ۽ سود ادا ڪرڻ ۽ صوبن کي حصو ڏيڻ کان پوءِ خساري ۾ ويو.ناڻي واري وزارت موجب حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي ٽيڪس ذريعي 362 ارب رپيا گڏ ڪيا.22 جولاءِ کان 23 مارچ تائين اندروني قرضن جي واپسي تي 3.1 ٽريلين، پرڏيهي قرضن تي 0.47 ٽريلين، جڏهن ته دفاع تي هڪ ٽريلين رپيا خرچ ڪيا ويا.










