قربانيءَ جي گوشت کي چڱيءَ طرح محفوظ ڪيو وڃي: آغا

قربانيءَ جي گوشت کي چڱيءَ طرح محفوظ ڪيو وڃي: آغا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سموري سنڌ واسين خاص ڪري مسلمانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن خوشي جي موقعي تي قرباني ڪندڙ غريبن کي به پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪن. ان کان علاوه سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سنت ابراهيمي ادا ڪندڙن کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته قرباني جي گوشت کي محفوظ رکڻ بابت مناسب طريقي جي باري ۾ ٻڌايو آهي ته گوشت کي صاف سٿري جڳهه تي رکي ڪري ڪٽيو وڃي.گوشت ڪٽڻ وقت ڪجهه ٻيو کائڻ پيئڻ کان پرهيز ڪئي وڃي يا وري ڪجهه کائڻ کان پهريان صابڻ سان هٿ ڌوئڻ گهرجن. هدايتن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته گوشت ڪٽڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ نه وساريو، گوشت کي فرج ۾ آخري شيلف تي رکو جتي رت جا قطرا باقي کاڌي پيتي جي شين کي خراب نه ڪن ۽ گوشت پچائڻ وقت ان کي ڪٽڻ لاءِ الڳ شيلف تي رکو، جتي ٻيو کاڌو موجود نه هجي ته جيئن گوشت ۾ موجود بيڪٽيريا باقي کاڌي ۾ پکڙجي نه وڃن، سنڌ فوڊ اٿارٽي جي هدايتن موجب گوشت جي بدبوءِ کي ختم ڪرڻ لاءِ فرج ۾ کائڻ واري سوڊا رکو، سنڌ فوڊ اٿارٽي اميد ڪري ٿي ته عوام قرباني جي گوشت کي بهتر طريقي سان محفوظ ڪندو ته جيئن پنهنجو پاڻ کي بيمارين کان محفوظ رکي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو