ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي اثرن سان سنڌ ۾ زراعت جو شعبو وڏو متاثر ٿيو آهي، گذريل سال برساتن ۽ ٻوڏ سان هارين جي مالي نقصان ٿيو آهي. اها ڳالهه هن اڄ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صوبي جي هارين کي فصل جي انشورنس جي حوالي سان هڪ منصوبي تي بريفنگ پڻ ڏني وئي، اجلاس ۾ سيڪريٽري زراعت اعجاز علي مهيسر، سي اي او نيشنل انشورنس سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن جي دوران هارين کي مالي نقصان کان بچائڻ لاءِ فصل جي انشورنس لازمي آهي. چاهيون ٿا ته ننڍن هارين کي قدرتي آفتن ۾ نقصان جي صورت ۾ مالي مدد حاصل ھجي. چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت زراعت کاتي جي سيڪريٽري کي انشورنس ماڊل ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نيشنل انشورنس، سنڌ انشورنس ۽ ٻين انشورنس ڪمپنين سان مشاوت ڪري انشورنس جو اهڙو ماڊل ٺاهيو وڃي جنهن سان ننڍن هارين تي ڪو مالي بار نه پوي ۽ منصوبي جي بابت صوبائي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وڃي.










