قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدار ڀائرن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪورٽ، قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدار ڀائرن کي جنم ٽيپ ۽ 2-2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ماڊل ڪورٽ نوجوان هاشم مير بحر جَي قتل ڪيس ۾ رحمت الله ککراڻي ۽ نعمت الله ککراڻي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي.