قتل ڪيس جوابدار اختر علي جي ضمانت واري درخواست رد

قتل ڪيس جوابدار اختر علي جي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ راهگير کي قتل ڪرڻ جي ملزم اختر علي جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدار جي درخواست تي طبي معائنو ڪيو ويو.جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته ميڊيڪل رپورٽ موجب جوابدار مڪمل طور تي ٺيڪ آهي، جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ جوابدار جي موقف جي خلاف آهي، تنهن ڪري عدالت ضمانت نٿي ڏئي سگهي.درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هو موٽرسائيڪل تي سوار هو جڏهن ٻئي ڌر مٿس فائرنگ ڪئي. سرڪاري وڪيل چيو ته هي ڪراس فائرنگ جو ڪيس آهي جنهن ۾ شاهزيب نالي هڪ راهگير فوت ٿي ويو.جسٽس مسرت هلالي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته فوت ٿيل نوجوان جي ٻه ڏينهن اڳ شادي ٿي هئي ۽ جوابدارن هڪ ٻئي جي بدران هڪ بيگناهه نوجوان کي قتل ڪيو.ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته پوليس جاچ ڪنهن به جوابدار کي قتل سان سڌو سنئون نه ٿو ڳنڍي سگهي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن قاتل جو تعين نه ٿي سگهيو ته پوءِ اهو وڌيڪ جاچ جو ڪيس بڻجي ويندو آهي ۽ اهو سوال به اٿاريو ته پهريان ڪنهن فائرنگ ڪئي.پوليس آفيسر موجب، ٻنهي ڌرين ۾ ٽرانس جينڊر کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جي معاملي تي جهيڙو ٿيو، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا ٻه ٻه ماڻهو زخمي ٿيا.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن جوابدار طبي بنيادن کان سواءِ ڪنهن ٻئي بنياد تي درخواست داخل ڪري ها ته ضمانت تي غور ڪري سگهجي ها، جڏهن ته موجوده صورتحال ۾ عدالت اختر علي جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو