قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدار  عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدار عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

اوٻاوڙو (غلام علي رند) قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ پاران قاتل کي عمر قيد ۽ ٻھ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي چڏي، جوابدار کي جيل منتقل ڪيو ويو. ڳوٺ سائين ڏنو چاچڙ ۾ ست مهينا اڳ جوابدار عبدالحميد چاچڙ سڱاوتي تڪرار  تان پنهنجي ئي برادري جي نوجوان عبدالغفار چاچڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ڪيس مقتول جي امڙ مسمات سسئي چاچڙ جي فرياد تي جوابدار خلاف اوٻاوڙو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. جوابدار کي اوٻاوڙو پوليس گرفتار ڪري چالان ڪري ڇڏيو هو. اوٻاوڙو ماڊل ڪورٽ جي سيشن جج احمّد نواز ڊومڪي پاران اڄ ٻڌايو ويو. جوابدار کي عمر قيد ۽ ٻه لک روپيا ڏنڍ جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن بعد سزا هيٺ آيل جوابدار کي ڊسٽرڪٽ گهوٽڪي جيل ڏانهن موڪليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو