قتل ڪيس، جوابدار جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل

قتل ڪيس، جوابدار جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ موبائل چوري جي واقعي سان لاڳاپيل قتل ڪيس ۾ جوابدار جي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته واقعو 2011 جو آهي، جنهن جي ايف آءِ آر نامعلوم ماڻهن خلاف 2 ڏينهن بعد درج ڪئي وئي هئي، پوليس واقعي وقت پهچي وئي پر ايف آءِ آر 2 ڏينهن بعد درج ڪئي وئي.وڪيل چيو ته ايف آءِ آر ۾ موبائل چوري جو ذڪر به نه هو، متاثرين جي وارثن بعد ۾ موبائل چوري جو رنگ ڏنو، مان ڪجهه اهم تفصيل پڙهڻ چاهيان ٿو.جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته توهان تفصيل سان پڙهو، اسان ٻڌي رهيا آهيون، اهو موت جي سزا جو معاملو آهي، جيڪڏهن سزا ناانصافي آهي ته وڪيل قيامت جي ڏينهن ذميوار هوندو، توهان ڇا چاهيو ٿا، بريت يا عمر قيد؟ ڇا شاهدن سان سڃاڻپ پريڊ ڪرائي وئي؟دليل ٻڌڻ کان پوءِ، سپريم ڪورٽ ڏوهارين جي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو