لاڙڪاڻو (عبدالوحيد ابڙو) قمبر جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن سجاد ڪلهوڙو ۽ عبدالرزاق تنيو کي ڦاهي ۽ ڏھ ڏھ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. واضح رهي ته جوابدارن 2 سال اڳ چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائڻ تان وڳڻ ٿاڻي جي ڳوٺ علي اصحابو ۾ خالد ڪلهوڙو کي قتل ڪيو هيو. اهڙي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ٻنهي جوابدارن کي ڦاهي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي.










