قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا

قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا

شهدادڪوٽ ( شاهد اعواڻ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار سيد فيض شاهه کي سزاءِ موت  ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جڏهن ته واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ بندوق غير قانوني هجڻ جي ڏوه ۾ 7 سال قيد ۽ 20 هزار ڏنڊ جي پڻ سزا ٻڌائي. واضح رهي ته شهدادڪوٽ ڀرسان سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ تريل خان گوپانگ ۾ 2017  جوابدار سيد فيض شاه تبليغي جماعت جي سيد پاچا مٿان بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس ڳوٺ جي نيڪ مرد غلام ياسين مهيسر جي فرياد تي سجاول جوڻيجو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو جنهن جي ڪيس جي اڄ ماڊل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. عدالت اهڙو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار سيد فيض شاه کي موت جي سزا ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جڏهن ته ڏنڊ جي رقم مقتول جي وارث حوالي ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. هوڏانهن سزا بعد جوابدار لاڙڪاڻي سينٽر جيل منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته مقتول ڪي پي ڪي جي علائقي تير ڳڙه جو رهواسي هو جيڪو تبليغي ڪافلي سان سجاول جوڻيجو آيل هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو