قبيلائي دهشتگردي بند ڪريو، اي پي سي پاران احتجاج

قبيلائي دهشتگردي بند ڪريو، اي پي سي پاران احتجاج

ڪنڌڪوٽ (امداد بنگوار)آل پارٽيز مومينٽ پاران قبائلي جهيڙن خلاف گھنٽا گھر چوڪ تي علامتي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو. آل پارٽيز موومينٽ ۾ شامل تمام پارٽيز جي اڳواڻن طرفان ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ قبيلائي دھشتگردي خلاف آل پارٽيز مومينٽ جي ڪنوينر وڪيل عبدالغني بجاراڻي سجاد بروھي دلمراد ڏاھاڻي اڪرم باجڪاڻي ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن جي گھنٽا گھر چوڪ تي علامتي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ ڪشمور ضلعو قبيلائي دھشتگردي جي ور چڙھي ويو آھي ۽ آل پارٽيز مومينٽ 2 مرحلي ۾ اڄ کان گھنٽا گھر چوڪ تي روزاني بنياد تي احتجاج ڪيو ويندو ۽ جيستائين قبيلائي دھشتگردي ختم نـ ٿيندي ايتري تائين احتجاج جاري رھندو.

پهنجو تبصرو موڪليو