قبائلي جهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلن جو فيصلو

قبائلي جهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلن جو فيصلو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد بنگوار)سٽيزن ڪلب ۾ خوني جهيڙن جي خاتمي لاءِ سنڌ بار ميمبر سينيئر وڪيل عبدالغني بجاراڻي جي سربراهي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.خوني جهيڙن جي خاتمي لاءِ ڪوٺايل اي پي سي ۾ مختلف برادري جي چڱن مڙسن مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن ڊسٽرڪٽ بار جي وڪلا برادري ايس ٽي پي،ايس يو پي،جمعيت طلباءِ اسلام،شيعا علماءِ ڪائونسل،وڪلا برادري شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ڊسٽرڪٽ بار جي وڪلا برادري جنرل محسن خان پٺاڻ،فياض احمد بجاراڻي،ايس يو پي جي ظريت بجاراڻي،شاهنواز مرهيٽو،فضل سبزوئي،الطاف بنگوار،ايس ٽي پي جي اڪرم باجڪاڻي،جمعيت طلباءِ اسلام جي مولوي عرفان علي کوسو،شيعا علماءِ ڪائونسل جو فائق علي جکراڻي،مختلف برادري جي چڱن مڙسن مشتاق خان بنگوار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ضلعو ڪشمور ڪنڌڪوٽ خوني جهيڙن جي باه هيٺ ٻري رهي آهي هر آئي ڏينهن خوني جهيڙن ۾ مختلف برادرين جا ماڻهو هٿيار کڻي هڪ ٻئي جي ماڻهن کي مارڻ لاءِ آتا آهن ۽ هر ڏينهن ڪانه ڪا ڪا ڌر گولين جو کاڄ بڻجي رهي آهي هنن چيو ته هن اي پي سي ۾ مختلف برادرين جا ماڻهو شريڪ آهن جن جي برادرين ۾ به خوني جهيڙا هلندڙ آهن خدارا هنن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کنيو وڃي هنن چيو ته هن اي پي سي ۾ اهو وچن ڪيو وڃي ته جن جن برادرين ۾ خوني جهيڙا هلندڙ آهن انهن برادرين وٽ ميڙ منٿ قافلا وٺي خوني جهيڙن جي خاتمي ۽ ٺاه جو ڪردار ادا ڪيو وڃي اي پي سي ۾ ويٺلن جو چوڻ هو ته خوني جهيڙن جي ڪري هن ضلعي جو امن داءُ تي لڳل آهي روزگار ٺپ ٿيل آهي نوجوانن جي تعليم تباه ٿي وئي آهي نوجوانن قلم بدران هٿيار کڻي هڪ ٻئي جو رت وهائڻ لاءِ پياسا ٿي ويا آهن. عبدالغني بجاراڻي خطاب ڪندي چيو ته مختلف برادرين جي چڱن مڙسن مختلف سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن جون ڳالهيون ٻڌيون آهن اسين پهرين مرحلي ۾ مختلف برادرين ۾ هلندڙ خوني جهيڙن جي خاتمي لاءِ برادرين ڏانهن ميڙ منٿ قافلا وٺي وينداسين ان کان پوءِ ضلعي جي چونڊيل نمائندن سان ملاقاتون ڪري ڌرين جي سرچاءُ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين ۽ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کان مدد طلب ڪنداسين هن چيو ته پوليس کان اپيل ڪنداسين ته جيڪي برادريون ٺاه لاءِ راضي ٿين ٿيون هنن مٿان داخل ٿيل ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ جن مٿان ڪيس هلي رهيا آهن انهن جي قانوني به مدد ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو