قاضي احمد (ن س) قاضي احمد ويجهو جمال شاھ ٿاڻي جي حد ۾ غيرت جي نالي تي ٻٽي قتل جو واقعو پيش آيو آهي. هڪ جوابدار مڙس پنهنجي زال وزيران مگسي ۽ مھمان ٿي آيل رشتيدار غلام محمد مگسي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب، ملزم واردات کان پوءِ موقعي تان فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻنهي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه هيڊڪوارٽر اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو آهي.علائقي واسين هن واقعي تي سخت ڏک ۽ حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته غيرت جي نالي تي اهڙيون وارداتون نه رڳو سماج لاءِ نقصانڪار آهن پر علائقي جي امن ۽ سلامتي لاءِ به وڏو خطرو بڻجي رهيون آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته جلدي ئي جوابدر کي گرفتار ڪيو ويندو.










