باڊھ (ن سنڌيار)باڊھ ڀرسان ڳوٺ محمد قاسم ٻٽڙا ۾ تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي ۔هڪ سو کان مٿي ڪچا گهر ڊھي پٽ بڻجي ويا اتان جا رهواسي بي يارومدد کيل آسمان هيٺان ستل ۔ ڪيترائي پنهنجي مدد پاڻ محفوظ ھنڌن تي منتقل ۔ ٻئي طرف هزاري جريب ساريالو فضل سميت تر ۔ ڪمند ۔ جو فصل برسات جي پاڻي تباھ ڪري ڇڏيو۔ مچيء جا تلاء جا بند ٽٽڻ کي هزاري مڻ مچي برسات جي پاڻي ۾ لوڙي وئي۔ ٽائون ڪميٽي ڪاراڻي ۔ ڊي سي ڏوڪري ايس لاڙڪاڻو هن مهل تائين ڪا به واهر نه لڍي ۔ برسات جو پاڻي ڳوٺ ۾ جمع ٿيڻ ڪري ڳوٺ ۾ وڏي پيماني معصوم ٻار ۔ ضعيف عورتون ۽ مرد ۔ پيٽ جو سور مليريا ۔ دست الٽي جي بيمارن ۾ مبتلا ٿي ويا۔ هوڏانهن ڪاراڻي هاسپيٽل ۽ ڏوڪري هاسپيٽل جا ڊاڪٽر ڳوٺ ۾ ڪا به ٽيم مقرر نه ڪري سگهيا ۔ جنهن ڪري وڌيڪ بيمارن جو خدشو ظاهر ٿئي ٿو.










