ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي(مينگل) قاسم رونجهو ۽ نسيمه احسان شاهه کي پارٽي مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سينيٽر قاسم رونجهو ۽ نسيمه احسان شاهه 26هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو. جنهن کان پوءِ قاسم رونجهو پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل ڳالهين جي ترديد ڪئي هئي.پنهنجي نئين بيان ۾ قاسم رونجهو چيو ته هن جيڪو ڪجهه پريس ڪانفرنس ۾ چيو اهو انهي کان زبردستي چورايو ويو هو. هن چيو ته اهي زبردستي جا لفظ هئا جيڪي لکيا ويا هئا مون کي اغوا ڪيو ويو هو، پريس ڪانفرنس دوران هنن مون کي سڀ ڪجهه لکي ڏنو هو جيڪو منهنجي اڳيان رکيو ويو هو.










