قائم علي شاهه جو وڏو فرزند مٽيءَ ماءَ حوالي، تعزيت جاري

قائم علي شاهه جو وڏو فرزند مٽيءَ ماءَ حوالي، تعزيت جاري

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو وڏو پٽ سيد مظفر حسين شاه گهڻو عرصو بيمار رهڻ سبب ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو مڙهه پنهنجي اباڻي شهر آندو ويو جتي سندس جنازي نماز ممتاز گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سياسي,  سماجي , مذهبي تنظيمن سميت ايس ايس پي خيرپور , نواب وساڻ, شهريار وساڻ سميت ٻين شرڪت ڪئي. جنهن بعد کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. قائم علي شاهه سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو