فٽبال ٽيم جي پهريون ڀيرو ڇوڪرن سان عورت مئنيجر مقرر

فٽبال ٽيم جي پهريون ڀيرو ڇوڪرن سان عورت مئنيجر مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان فٽبال جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، ڇوڪرن جي ٽيم سان هڪ عورت مئنيجر مقرر ڪئي وئي آهي.پاڪستان فٽبال فيڊريشن (پي ايف ايف) عروج سهيل بٽ کي پاڪستان انڊر 17 فٽبال ٽيم جو مئنيجر مقرر ڪيو آهي.عروج سهيل بٽ پي ايف ايف ۾ سيف گارڊنگ آفيسر طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ فيفا ۽ اي ايف سي جي تصديق ٿيل سيف گارڊنگ آفيسر آهي.پي ايف ايف هي قدم فيفا جي پاليسي جي حصي طور کنيو آهي ته هر ڪنهن کي برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو