ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي فٽبال ورلڊ ڪپ جا سيمي فائنل ۽ فائنل ميچون شائقين کي وڏين اسڪرينن تي ڏيکارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ وڏيون اسڪرينون لڳايون وينديون ته جيئن عوام گڏيل ماحول ۾ عالمي مقابلن مان لطف اندوز ٿي سگهي. راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ شرافي ڳوٺ جي يوٿ ڊيولپمينٽ سينٽر ۾ 15 ۽ 16 جولاءِ تي سيمي فائنل جڏهن ته 20 جولاءِ تي فائنل ميچ وڏي اسڪرين تي ڏيکاري ويندي. هن ٻڌايو ته شهيد بينظير آباد ۾ صمديه هوٽل (هاشم ٽائون)، لاڙڪاڻي جي کڙا ڪمپليڪس، حيدرآباد ۾ سنڌ اسپورٽس بورڊ هاسٽل ۽ ميرپورخاص جي گاما اسٽيڊيم ۾ به سيمي فائنل ۽ فائنل ميچون وڏين اسڪرينن تي ڏيکاريون وينديون. سردار محمد بخش خان مهر موجب سکر ميونسپل اسٽيڊيم ۾ سيمي فائنل ۽ فائنل ٻئي ميچون وڏي اسڪرين تي نشر ڪيون وينديون. جڏهن ته روهڙي فٽبال گرائونڊ ۾ رڳو فائنل ميچ شائقين لاءِ وڏي اسڪرين تي ڏيکاري ويندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گهوٽڪي جي سردار علي محمد خان مهر ٽئي ميچون وڏي اسڪرين تي ڏيکاريون وينديون. هن چيو ته ٺٽي اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ صرف فائنل ميچ وڏي اسڪرين تي ڏيکاري ويندي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ صحت مند سرگرمين جي انعقاد لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته فٽبال ورلڊ ڪپ جهڙن عالمي ايونٽس کي گڏجي ڏسڻ سان راندين کي هٿي ملندي، نوجوانن جو جذبو وڌندو ۽ صوبي ۾ فٽبال ڪلچر کي وڌيڪ هٿي ملندي. .










