فيلڊ مارشل سان ليبين ڪمانڊر ان چيف جي ملاقات

فيلڊ مارشل سان ليبين ڪمانڊر ان چيف جي ملاقات

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ليبيا جي عرب مسلح فوج جي نائب ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفي ملاقات ڪئي آهي. پاڪ فوج جي پبلڪ ريليشنز شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب، جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ليبيا جي مسلح فوج جي نائب ڪمانڊر جي ملاقات ٿي، جي ايڇ ڪيو آمد تي معزز مهمان کي ٽنهي هٿياربند فوج جي چاق و چوبند دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال، دفاعي سهڪار ۽ ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان ٻه طرفي دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پيشيوراڻي عسڪري تربيت ۽ سلامتي جي شعبن ۾ سهڪار کي وسعت ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان موقعي تي چيو ته پاڪستاني فوج دوست ملڪن سان امن، استحڪام ۽ تعميري سهڪار جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي ليبيا جي عرب مسلح فوج جي نائب ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي قيام لاءِ سندن خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو