ڊيلاس(ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ناڪ آئوٽ ميچ ۾ ناروي آئيوري ڪوسٽ، ميڪسيڪو ايڪواڊور ۽ فرانس سوئيڊن کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ايرلنگ هالنڊ پاران آخري لمحن ۾ ڪيل فيصلائتي گول سبب ناروي آئيوري ڪوسٽ کي 1-2 تان شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي رائونڊ آف 16 ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. ميچ جي 39 هين منٽ ۾ انتونيو نوسا ناروي کي برتري ڏياري، جڏهن ته 74 هين منٽ ۾ عماد ديالو متبادل رانديگر جي طور تي ميدان ۾ اچي گول ڪري اسڪور برابر ڪري ڇڏيو.فيصلي ڪن لمحو 86 هين منٽ ۾ آيو جڏهن ايرلنگ هالنڊ گول ڪري ناروي کي ٻيهر برتري ڏياري. هي هالنڊ جو ٽورنامينٽ ۾ پنجون گول هو. راند ناروي جي 1-2 جي برتري تي ختم ٿي، جنهن سان گڏ ئي ناروي ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.
ميڪسيڪو جي ايڪواڊور کي شڪست
ميڪسيڪو آساني سان ايڪواڊور کي شڪست ڏئي ڪاميابي سان ورلڊ ڪپ جي آخري 16 مرحلي ۾ پهچي ويو، جڏهن هن ازٽيڪا اسٽيڊيم ۾ موسم سبب دير سان شروع ٿيل ميچ ۾ ايڪواڊور کي آساني سان شڪست ڏني.
جوليان ڪوئينونيس ۽ راول خيمينيز جي گولن سان گڏيل ميزبان ميڪسيڪو پهرين اڌ ۾ ئي مضبوط برتري حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته وقفي کانپوءِ به ٽيم مڪمل ڪنٽرول سان کيڏي ۽ 1986ع کان پوءِ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ڪا ميچ کٽي.
ميڪسيڪو جي گاديءَ واري شهر ۾ گجگوڙ واري طوفان سبب ميچ هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿي. پر جيئن ئي موسم صاف ٿي، ايڪواڊور جوش سان ڀريل گهريلو ماحول ۽ طوفاني انداز ۾ راند شروع ڪندڙ ميڪسيڪو جو مقابلو نه ڪري سگهيو.
ميڪسيڪو پهرين 10 منٽن اندر ئي چار بهترين موقعا پيدا ڪيا. جيتوڻيڪ ايڪواڊور جي جان ييبواهه جو هڪ شاٽ بار سان ٽڪرائجي ويو، پر مجموعي طور تي ايڪواڊور هر شعبي ۾ ميڪسيڪو کان گهٽ نظر آيو ۽ ميزبان ٽيم جي تيز رفتاري جو ساٿ نه ڏئي سگهيو.
فرانس سويڊن کي 3-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي
فرانس جو آخري 16 ۾ مقابلو پيراگوئي سان ٿيندو. جنهن جرمني کي پينالٽي تي شڪست ڏئي ڪوليفاءِ ڪيو هو. ڪائليان ايمباپي ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو، جڏهن فرانس سويڊن کي 3-0 تان آساني سان شڪست ڏني.
هر اڌ ۾ هڪ هڪ گول ڪرڻ سان ايمباپي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پنهنجي گولن جو انگ 10 تي پهچائي ڇڏيو. هو هاڻي هن ٽورنامينٽ جي گولڊن بوٽ جي ڊوڙ ۾ ليونل ميسي سان گڏيل طور اڳواڻي ڪري رهيو آهي، ڇو ته ٻنهي رانديگرن ڇهه، ڇهه گول ڪيا آهن. عالمي ڪپ ۾ مجموعي طور ميسي جا 19 ۽ ايمباپي جا 18 گول ٿي ويا آهن.
نيو جرسي جي سخت گرمي ٻنهي ٽيمن لاءِ ڏکيائي جو سبب هئي، پر ليس بليو (فرانس) شروعات کان ئي مخالف ٽيم تي زبردست دٻاءُ وڌو.
74هين منٽ ۾ ايمباپي اوليسي جي هڪ ٻي بهترين پاس تي ڊوڙندو پهتو ۽ خوبصورت ڪَرِلنگ شاٽ ذريعي پنهنجو ٻيون گول اسڪور ڪيو.










