فيض جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ڪاروائي آخري مرحلي ۾ داخل

فيض جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ڪاروائي آخري مرحلي ۾ داخل

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد جي سهولتڪارن سميت 50 کان مٿي رٽائرڊ، حاضر سروس آفيسر ۽ سويلن گرفتار ڪيا ويا آهن. حاضر سروس ميجر جنرل جي سربراهي ۾ قائم فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪاروائي آخري مرحلي ۾ آهي ۽ چند ڏينهن ۾ کيس سزا ٻڌائڻ جو اعلان متوقع آهي. آءِ ايس پي آر خميس تي ٻن رٽائرڊ برگيڊيئرز نديم فخر ۽ غفار کانسواءِ رٽائرڊ ڪرنل عاصم کي حياست ۾ وٺڻ جي تصدي ڪئي آهي پر ٻين گرفتار ماڻهن بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو. هنن آفيسرن ٽاپ سٽي جي مالڪ معز خان کي ڌمڪايو هو ۽ هن سندن نالا پٽيشن ۾ به شامل ڪيا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته فيض حميد کي راولپنڊي ڪور جي سينئر آفيسر 8 آگسٽ تي ملاقات لاءِ گهرايو هو ۽ جيئن ئي هو واپس وڃي رهيو هو ته چڪلالا وٽان کيس گرفتار ڪيو ويو هو. هن گرفتاري تي ٿوري مذاحمت ڪئي ۽ جنهن سينئر آفيسر سان ملاقات ڪئي ان جي اسٽاف آفيسر کي گرفتاري جو اطلاع ڏنو ته هن کيس چيو ته مزاحمت نه ڪر ۽ بهتري ان ۾ آهي ته گرفتاري ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد کيس هڪ حساس اداري جي وي آِ پي ميس ۾ منتقل ڪيو ويو هو ۽ سندس گرفتاري جو اعلان 12 آگسٽ تي ڪيو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن جنرل قمر جاويد باجوا ، عمران خان ۽ 9 مئي جي حوالي سان اهم انڪشاف ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو