فيصل واوڊا ڪوڙو آهي، ڪميشن ڪاروائي ڪري، عدالت

فيصل واوڊا ڪوڙو آهي، ڪميشن ڪاروائي ڪري، عدالت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصل واوڊا نااهلي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس عامر فاروق 13 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته فيصل واوڊا جو بيان عام طور تي  ڪوڙو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن ۾ حلفيه بيان جمع ڪرايو ۽ ان تي اليڪشن ڪميشن معاملي جي جاچ ڪري مناسب حڪم جاري ڪري سگهي ٿو. فيصل واوڊا 11 جون تي ٻٽي شهريت نه رکڻ جو حلفيه بيان جمع ڪرايو ۽ رڪارڊ موجب آمريڪي شهريت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ 25 جون تي جاري ٿيو. فيصلي موجب ڪاغذن جي جانچ پڙتال جي وقت فيصل واوڊا آمريڪي شهري ۽ اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ نااهل هو جڏهن ته استعيفيٰ سبب فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ جي لاءِ ڪووارنٽو جي رٽ جاري نٿي ڪري سگهجي.گذريل سال کان 3 مارچ 2021 تائين فيصل واوڊا نااهلي درخواست تي ڪوبه جواب داخل ناهي ڪيو. فيصل واوڊا ڪڏهن هڪ ۽ ڪڏهن ٻئي سببن جي ڪري معاملي کي ڊيگهه ڏني ۽ جواب داخل نه ڪرائڻ جي ڪيس ۾ دير ڪئي. جواب داخل نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن کان نامزدگي ڪاغذ بابت رڪارڊ طلب ڪيو. جڏهن ته فيصل واودا جي وڪيل 3 مارچ جي ٻڌڻي ۾ استعيفيٰ پيش ڪرڻ جو چيو ته درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي.درخواست ڏيندڙ جي وڪيل زور ڀريو ته اڃان صرف استعيفيٰ پيش ڪيو ويو ان جي منظوري باقي آهي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته ڪوڙو حلفيه  بيان جمع ڪرائڻ جا ڌار نتيجا آهن. فيصلي ۾ چيو ويو ته فيصل واوڊا قومي اسيمبلي يا سينيٽ جو ميمبر بنجڻ جي اهل ناهي رهيو. فيصل واوڊا 2018 جي عام چوندن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چوندجڻ ۽ 7آگسٽ 2018 تي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. جنهن تي فيصل واوڊا کي آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو