فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو:جسٽس منصور  جا ريمارڪس

فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو:جسٽس منصور جا ريمارڪس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه فيصل واوڊا جي ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته ريٽرننگ آفيسر منسوخ ٿيل آمريڪي پاسپورٽ ڏسي رهجي ويو، جنهن تي جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏنا ته منسوخ ٿيل پاسپورٽ تي ڀروسو ڪيو پيو وڃي، ريٽرننگ آفيسر کي 2018 ۾ پاسپورٽ ڏيکاريو ويو جنهن جي مدي ختم ٿي چڪي هئي. 2015ع ۾ جيڪڏهن توهان نئون پاسپورٽ ٺاهيو ته پراڻي پاسپورٽ تي ڪينسل اسٽيمپ لڳندو ته منسوخ ٿيل پاسپورٽ شهريت ڇڏڻ جو ثبوت ڪيئن ٿو بڻجي سگهي؟چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته معاملو انتهائي سنجيده ٿي ويو آهي، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي.وڪيل فيصل واوڊا چيو ته حلف نامي جو متن هو ته ڪنهن ٻئي ملڪ جو پاسپورٽ ناهي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته حلف نامي ۾ پاسپورٽ جو مطلب ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت آهي.جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته رڪارڊ تي موجود پاسپورٽ ۽ منسوخ ٿيل پاسپورٽ جو انگ مختلف آهي، واضح رهي ته نئون پاسپورٽ به ختم ٿيڻ جي تاريخ کان پوءِ جاري ڪيو ويو.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ جو اختيار ناهي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ کي تاحيات نااهل ڪرڻ جو اختيار آهي.فيصل واوڊا جي وڪيل وسيم سجاد تياري لاءِ وڌيڪ وقت گهريو، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته توهان کي انهن سوالن جا جواب ايندڙ هفتي به نه ملندا، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو