ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار فيصل قريشي ۽ سندس زال ثنا فيصل قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ کان اڳ وزيراعظم عمران خان لاءِ وڊيو پيغام شيئر ڪندي چيو ته خان صاحب توهان کي چئون ٿا ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي. انسٽا گرام تي مختصر وڊيو شيئر ڪندي هن چيو ته خان صاحب پهرين چوندو هوته گهٻرائڻو ناهي، هاڻي اسين چئون ٿا ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي. ثنا فيصل به عمران خان لاءِ چيو ته اسان سڀ توهان سان گڏ هيون، پاڪستان جو عوام توهان سان گڏ آهي. فيصل قريشي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته دعا آهي ته توهان ڪامياب ٿيندا.










