فيصل آباد ۾ مقابلو، ساٿين جي فائرنگ ۾ 4 جوابدار مارجي ويا

فيصل آباد ۾ مقابلو، ساٿين جي فائرنگ ۾ 4 جوابدار مارجي ويا

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)فيصل آباد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 4 جوابدار پنهنجن ئي ساٿين هٿان مارجي ويا.پوليس موجب جوابدارن کي بازيابيءَ لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا ته غلام محمد آباد پل وٽ سندن ساٿين مٿن حملو ڪيو، جنهن دوران جهيڙو ٿي پيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران 4 جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدارن ڏيڍ مهينو اڳ نشاط آباد ۾ ڦر دوران عورت سان زيادتي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو