فيصلي سان ته جج ئي متفق نه آهن، فل ڪورٽ ٺهڻ گهرجي

فيصلي سان ته جج ئي متفق نه آهن، فل ڪورٽ ٺهڻ گهرجي

گمبٽ(ن س) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي جلد بازي وارو فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سچل سرمست جي عرس جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهڙو فيصلو آيو آهي جنهن سان سپريم ڪورٽ جا جج ئي متفق نه آهن ته عوام ڪيئن مطمئن ٿيندو؟ هن چيو ته سموريون پارٽيون چون ٿيون فل ڪورٽ ٺاهيو، بلاول صاحب به چيو ان تي عمل ڇو نٿو ٿئي. هن چيو ته چونڊن جو فيصلو اليڪشن ڪميشن تي ڇڏڻ گهرجي ها، ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته صورتحال بهتر ٿي ويندي، آئين ۾ هر اداري جي اختيارن ۽ حدن جو تعين ڪيو ويو آهي، چونڊون تڏهن ٿينديون جڏهن اليڪشن ڪميشن چاهيندي. اليڪشن ڪميشن چاهي ٿي ته چونڊون ضرور ٿين پر ليول پليئنگ فيلڊ هجڻ گهرجي شفاف ٿيڻ گهرجن. اسين نٿا چاهيون ته چونڊون 2018 جهڙيون نه ٿيڻ گهرجن. ان موقعي تي صحافي جي سوال تي وڏي وزير چيو ته گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي هٿيارن جر فراهمي روڪڻ لاءِ چوڪيون قائم ڪيون آهن. هڪٻئي سوال تي هن چيو ته سنڌ حڪومت مشڪل حالتن باوجود 65 روپيا في ڪلو جي حساب سان سستو اٽو فراهم ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو