فيس بڪ جو صارفين جي لوڪيشن جي حوالي سان وڏو اعلان

فيس بڪ جو صارفين جي لوڪيشن جي حوالي سان وڏو اعلان

لنڊن(ويب ڊسڪ)دنيا جي سڀ کان وڏي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ اعلان ڪيو آهي ته اها هن مهيني 31 مئي کان پنهنجي صارفين جي لوڪيشن هسٽري فيچر کي ختم ڪندي.ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ دي ورج موجب فيس بڪ تازو ئي اينڊرائيڊ ۽ آئي او ايس استعمال ڪندڙن کي موڪليل هڪ نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو آهي ته ويب سائيٽ جلد ئي ’ويجها دوست، لائيو لوڪيشن ۽ لوڪيشن هسٽري اينڊ بيڪ گرائونڊ‘ فيچر ختم ڪندي.Facebook جي ترجمان ويب سائيٽ تي تصديق ڪئي ته سائيٽ 31 مئي 2022 تائين لوڪيشن جي تاريخ سان لاڳاپيل سڀئي فيچر ختم ڪري ڇڏيندي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي.ترجمان موجب جيڪڏهن ڪو سيٽنگز ۾ وڃي پنهنجي سموري لوڪيشن هسٽري ڊائون لوڊ يا ڊليٽ ڪرڻ چاهي ٿو ته ڄاڻايل تاريخ کان اڳ کيس اجازت ڏني ويندي، جڏهن ته مقرر وقت کان پوءِ ڪمپني پاڻ ئي سموري تاريخ ڊليٽ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو