اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان، خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ قومي وطن پارٽي جي سينيئر نائب صدر سيد فياض علي شاهه پنهنجي پشاور سٽي جي سمورن تنظيمي عهديدارن سميت پي پي پي ۾ شموليت کانپوءِ زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي.ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ نئير بخاري، محمد علي شاهه باچا، سيد ظاهر شاهه ۽ روبينا خالد پڻ موجود هئا.










